گڏيل قومون -06 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته غزه جي الشفا اسپتال تي اسرائيلي بمباري مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي، اٽڪل هڪ مهيني کان ٻارن ۽ عورتن سميت غزه جا شهري گهيراءَ هيٺ آهن، کين امداد ڏيڻ بدران ماريو پيو ??ڃي. اهو سڀ ڪجهه هاڻي بند ٿيڻ گهرجي. فرانس جي خابرو اداري مطابق هن جو چوڻ آهي ته هو اسرائيل ۾ حماس جي حملن ۽ انهن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي ??ارڻ ۽ زخمي ڪرڻ ۽ اغوا ڪرڻ کي به نه ٿو وساري سگهي، غزه ۾ يرغمال بڻايل سمورن ماڻهن کي ??وري ۽ غير مشرو?? طور تي آزاد ڪيو ??ڃي. هن چيو ته اٽڪل هڪ مهيني ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت غزه جا شهري گهيراءَ هيٺ آهن انهن کي امداد فراهم نه پئي ڪئي ??ڃي. پر هنن کي ??اريو پيو ??ڃي. ۽ انهن جي گهرن تي بم وسايا پيا وڃن، اهو سڀ ڪجهه هاڻي بند ٿيڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔