واشنگٽن-25 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان چيو آه?? ته پاڪستاني حڪومت جڙانوالا سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستاني ڪميونٽي جڙانوالا سانحي جي جي زخمن تي مرهم رکڻ ۾ م??د ڪري. هن آمريڪي رياست جارجيا جي گاديءَ واري هنڌ اٽلانٽا جي مسيحي اڳواڻن سان ورچوئل اجلاس دوران چيو ته جڙانوالا ۾ 16 آگسٽ تي ٿيل واقعو اسان جي معاشري ۽ اسان جي مذهبي تعليم جي ابتڙ آه??. مذهب اسلام انسانيت جي ل??ءِ امن جو درس ڏئي ٿو. هي اجلاس پاڪستاني آمريڪن فريڊز آف اٽلانٽا ٽيم طرفان منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ گلوريا جوزف، شارون فرحت، سولو مون لوڪ، جوناٿن ميسي، فليويا ڀردواج، ڊيو?? سيسل ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پاڪستان سفير چيو ته اسان جو معاشرو هڪ جامع معاشرو آه?? ۽ رهندو. جڙانوالا سانحي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آه??، 16 آگسٽ جو ڏينهن پاڪستان ل??ءِ ڪارو ڏينهن هو، جڏهن اسان جي معصوم ماڻهن کي تڪليف پهچائي وئي. چرچز ساڙيا ويا. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان جي قيادت، سول سوسائٽي ۽ سڀني مذهبي جماعتن جي سربراهن ان واقعي جي مذمت ڪئي آهي. پاڪستاني سفير چيو ته پاڪستاني هڪ معاشري طور گڏ رهن ٿا ۽ مسيحي برادريءَ طرفان پاڪستان جي سماجي اقتصادي ترقيءَ ل??ءِ تعاون اسان ل??ءِ فخر جوڳو آه??. هن پاڪ آمريڪن ڪميونٽيءَ کان مطالبو ڪيو ته جڙانوالا سانحي جي متاثرن جي ان مشڪل وقت ۾ زخمن تي مرهم رکڻ ۾ م??د ڪن. پاڪستاني سفير جڙانوالا جي متاثرن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. هن انتهاپسندي جي لهر سان ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ل??ءِ ڪميونٽي اڳواڻن سان ڳالهين ۽ رابطي جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.
جڙانوالا سانحي جي متاثرن جي زخمن تي مرهم رکڻ ۾ مدد ڪريو: سفير مسعود خان جي آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي کي اپيل
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea