اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو، ??شڪئي اقتصادي زون نه رڳو خيبرپختونخواهه پر پوري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ??يندڙ مرحلو ملڪ ۾ صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ جو آهي، افغان امن ڳالهين جي ڪاميابي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي، افغانستان ۾ امن سان وچ ايشڊيائي رياستن تائين رابطا وڌندا جنهن سان پوري خطي ۾ خوشحالي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي خصوصي اقتصادي زون جي ترق?? جي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيرا??ظم معاه??ي جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ صنعتي ترق?? جي حوالي سان اهو قدم خوش آئنده آهي، سي پيڪ تحت فيصل آباد کانپوءِ رشڪئي ٻيو خصوصي اقتصادي زون هوندو، ??ي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو. هن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي معاهدو خيبرپختونخواهه جي ترق?? جي حوالي سان هڪ وڏو سنگ ميل ثابت ٿيندو، ??شڪئي اقتصادي زون نه رڳو خيبرپختونخواهه پر پوري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ??ن سان صنعت کي هٿي ملندي ۽ مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، اسان چاهيون ٿا ته خيبرپختونخواهه ۾ رهي ماڻهن کي نوڪريون ملن. وزيرا??ظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي قب??ئلي علائقن جي عوام دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، هن منصوب?? جي مڪمل ٿيڻ سان انهن جي لاءِ به ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا.
رشڪئي اقتصادي زون نه پوري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری