اسلام ??باد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اشتهارن جي 50 سيڪڙو رهتن جي ادائيگي جي باوجود ميڊيا ملازم برط??ف ڪيا پيا وڃن جيڪو ناقابل قبول آهي، ميڊيا ورڪرز جي برطرفين تي سخت خدشا آهن، ان حوالي سان پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري سان ڳالهائيندس، برط??ف ڪيل ماڻهن جون فهرستون ڏنيون وڃن ته جيئن ايڪشن کڻي سگهون. پارليامينٽ هائوس جي مرڪزي گيٽ تي برط??ف ڪيل صحافين جي احتجاجي مظاهري ۾ ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت ميڊيا ورڪرز سان گڏ بيٺل آهي، اشتهارن جي 50 سيڪڙو رهتن جي ادائيگي جي باوجود ملازمن جون برطرفيون ڪيون پيون وڃن جيڪي قبول نه آهن، ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں