رياض-21 فيبروري (اي پي پي)سعودي عرب آمريڪا پاران غزه جنگ بندي جي ٺهراءَ کي ويٽو ??رڻ کان پوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جومطالبو ڪيو آهي. روس جي ميڊيا جو چوڻ آ??ي ته سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آ??ي ته سعودي عرب الجزائر پاران پيش ڪيل غزه جنگ بندي جي ٺهراءَ کي آمريڪا پاران ويٽو ??رڻ کان پوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت غزه پٽي ۽ ان جي پسگردائي ۾ فوري طور تي جنگ بندي جي مطالبي تي ٻڌل مسودي کي ويٽو ??رڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آ??ي ته سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارا هن وقت تمام گهڻا ضروري آهن جيڪي ٻٽي مع??ار جومظاهرو ڪرڻ کان سواءِ عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي پنهجي ذميواري کي پوري ڪري سگهن. بيان ۾ غزه ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪندي فلسطيني شهرين جي زبردستي لڏپلاڻ کي رد ڪندي ٻه طرفي رياستي حل جي عزم تي زور ڀريو آهي.
سعودي عرب پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری