رياض/واشنگٽن-19 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي ۽ سعودي پرڏيهي وزيرن غزه ۾ خطرناڪ انساني ??حران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن تي ??الهيون ڪيون. انڊيپنڊنٽ اردو مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير انٽونڪي بلنڪن پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفونڪ رابطي ۾ غزه جي صورتحال ۽ اتي خطرناڪ انساني ??حرانن کي مُڻهن ڏيڻ جي ڪوششن تي ??الهيون ڪيون. سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن جي ڳالهه ٻولهه ۾ غزه ۽ ان جي ڀرپاسي جي صورتحال کان علاوه گڏيل دلچسپي جا معاملا غور هيٺ آيا. هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آ??ي ته انٽوني ??لنڪن سعودي هم منصب سان ڳالهائيندي غزه ۾ بنيادي انساني ??رورتن جي فراهميءَ کان علاوه ان جنگ کي وڌيڪ پ??ڙجڻ کان روڪڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن هڪ آزاد فلسطيني ??ياست قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪي عزم جو اظهار، جڏهن ته احمر سمنڊ جي عالمي سامونڊي حدن ۾ واپاري جهازن تي ح??ثين جي لڳاتار حملن جي مذمت ۽ـ سمورن شراڪتدارن وچ ۾ سامونڊي سلامتيءَ لاءِ سهڪار تي زور ڀريو. واضح ر??ي ته سعودي پرڏيهي وزير هلندڙ مهيني ??ي شروعات ۾ چيو هو ته غزه ۾ ويڙهه جو فوري خاتمو ٿيڻ گهرجي ۽ اهو ته سڄي دنيا جون حڪومتون غزه ۾ جنگبنديءَ کي ترجيح ناهن ڏئي رهيون. ان کان علاوه گڏيل قومن ۾ غزه ۾ انساني ??نيادن تي فوري طور جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو پر آمريڪا ۽ـ اسرائيل طرفان ان جي مخالفت ڪئي وئي.
آمريڪي ۽ سعودي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه، غزه ۾ خطرناڪ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڳالهيون
مضمون کا ماخذ : números quina hoje