اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ بيلاروس واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ ٺوس بنياد هموار ڪري رهيا آهن، ان سان ڊگهي مدي واري ٻه طرفا رابطا وڌائڻ لاءِ مضبوط بنياد فراهم ٿيندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع ??ر اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جو تسلسل برقرار رکڻ جي ضرورت آهي، پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا ه??وار ڪرڻ جي پاليسي جي پيروي ڪري رهيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ سنگين صورتحال س??ن عالمي برادري جو ڌيان هٽائڻ لاءِ هروڀرو لائين آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪيو. هن اها ڳالهه وزيراعظم هائوس ۾ بيلاروس جي ص??ر اليگزينڊر لوڪا شنڪو سان وفدن جي سطح تي ڳالهين دوران چئي. بيلاروس جو صدر پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان بيلاروس سان پنهنجي لاڳاپن کي تم??م گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پرجوش، خوشگوار ۽ مضبوط رابطا ه??وار آهن.
پاڪستان ۽ بيلاروس سيڙپڪاري لاءِ ٺوس بنياد قائم ڪن پيا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش