اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردا?? اياز صادق ڪشمي?? مسئلي تي سفارتي مدد حاصل ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ انساني حقن جي نه ختم ٿيندڙ خلاف ورزين جي سلسلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ 196 ملڪن جي پارليا??ين?? جي اسپيڪرن کي خط لکيا آهن، ڪشمي?? مسئلو پاڪستان جي پارليا??ين?? جي اهم ترجيح آهي ۽ پارليا??ين?? ۾ موجود سموريون سياسي پارٽيون ان تي متفق آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل صد?? مسعود خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنه?? پارليا??ين?? هائوس ۾ اسپيڪر سان ملاقات ڪئي. اسپيڪر چيو ته ڪشمي?? مسئلو گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي ايجنڊا تي سڀ کان پراڻو حل طلب مسئلو آهي. هن چيو ته طاقت جي زور تي ڪشمير تي قبضو قوم، رياست ۽ عوام جي بنيادي خودمختياري جي حق جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ڪنهن به ٻاهرئين مداخلت کانسواءِ حڪومت جوڙڻ عوام جو بنيادي حق آهي.
سردار اياز صادق سان آزاد ڪشمير جي صدر مسعود خان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا