ڪراچي – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته امجد صابري ا??ن ۽ محبت جو جيڪو ڏيئو روشن ڪيو ان کي وسامڻ نه ڏينداسين. هن اها ڳالهه وزيراعظ?? محمد نواز شريف جي هداي?? تي ناليواري سماجي ڪ??رڪن عبدالستار ايڌي جي عيادت ۽ بعد ۾ شهيد امجد صابري جي گهرڀاتين سان فاتحه خواني کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چئي. امجد صابري شهيد جي رهائشگاهه ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽر پرويز رشيد چيو ته هو وزيراعظ?? محمد نواز شريف پاران امجد صابري جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪرڻ آيو آهي. وفاقي وزير چيو ته امجد صابري پيار ۽ محبت جو آواز هو ۽ سندس شهادت شر جي قوتن پاران خير جي قو?? تي حملو آهي. هن چيو ته جتي هر پاڪستاني امجد صابري جي شهادت سبب ڏک ۾ ورتل آهي، انهن اهو عزم به ڪيو آهي ته منفي قوتن جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
امن جي ڏيئي کي وسامڻ نه ڏينداسين: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا