لنڊن- 31 جنوري (اي پي پي) برطانيه ۾ ذهني صحت جي مريضن جي هڪ وڏي تعداد الزام لڳايو آهي ته انهن جي علاج دوران نيشنل هيلٿ سروس جي عملي انهن کي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، قومي اسڪينڊل جي حيثيت رکندڙ ان بيان ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي. گڏي?? جاچ ڪميٽي ذريعي اها ڳالهه سامهون ا??ي آهي ته ذهني صحت جي 30 کان وڌيڪ ادارن ۾ 2019ع کان وٺي هن وقت تائين ملازمن طرفان مريضن ??ي جنسي حملن جو نشانو بڻائڻ جون اٽڪل 20 هزار شڪايتون مليون آهن، جاچ مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته اين ايڇ ايس ٽرسٽ اڪثر واقعن کي پوليس وٽ رپورٽ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ برطانيه ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور مريضن ??ي جنسي ڏاڍائي کان بچا??ڻ لاءِ جوڙيل اهم معيارن تي پورو نه لٿو آهي. 18 مهينن جي تحقيقات ۾ مريضن ۽ انهن جي ڪٽنبن ذهني صحت جي مريضن لاءِ مخصوص ڪيل يونٽن ۾ رهندڙ مريضن پاڻ سان ٿيل جنسي ڏاڍاين جا واقعا ٻڌايا.صحت کاتي جي ترجمان چيو آهي ته جنسي تشدد ناقابل قبول آهي ۽ اين ايڇ ايس تنظيمن جي ذميواري آهي ته هو عملي ۽ مريضن ??ي هڪجهڙو تحفظ فراهم ڪن. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻا??ڻ لاءِ اين ايڇ ايس سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ته ذهني صحت جي ادارن ۾ علاج ڪرائيندڙن مريضن ??ي محفوظ ۽ اعليٰ معيار جي سارسنڀال فراهم ڪري سگهجي.
نيشنل هيلٿ سروس لنڊن ۾ ذهني طور تي بيمار ماڻهن تي 20 هزار جنسي حملن جو انڪشاف
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ