اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو ??هي ته ڪڻڪ جي مناسب قيمت، وقت سر قدمن ۽ خريداري جو عمل هموار بڻائڻ ضروري آهي، آبادگارن جي حوصلا افزائي سان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ ۾ مدد ملندي، آبادگارن کي ڪڻڪ جي مناسب قيمت، بارداڻو حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي خريداري سان لاڳاپيل معاملن تي اجلاس ايوان صدر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، ??زا??ت ۽ پاسڪو جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ??ه آبادگارن جي مفادن جي تحفظ ??ي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، ملڪ جي اٽڪل 65 سيڪڙو آبادي ڳوٺاڻي علائقن ۾ رهي ٿي، آبادگارن کي ڪڻڪ جي مناسبقيمت جي ف??اهمي سان ڳوٺاڻي معيشت کي ف??وغ ملندو. هن چيو ??ه غذائي تحفظ، مستقبل جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ??ي لاءِ اسٽريٽجڪ ذخيرا برقرار رکڻا پوندا، ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي جديد سهولتن جي تعمير ??ي لاءِ نجي شعبي کي آسان قرض ڏنا وڃن، وقت سر پاليسي قدمن، مستقبل جي ضرورتن جي صحيح اڳڪٿي ??ي لاءِ اعتماد جوڳي ڊيٽا جي دستيابي جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ صدر پاران زرعي شعبي کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جي تجويز پن پيش ڪئي وئي.
ڪڻڪ جي مناسب قيمت، وقت سر قدمن ۽ خريداري جو عمل هموار بڻائڻ ضروري آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria