اسلام آباد – 30 – مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي ۽ خيبرپختونخواهه صوبي جي معاملن ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب خيبرپختونخواهه جي گورنر حڪومت جي ڪاروبار ۽ س??ڙپڪار دوست پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ وڌندڙ ٻاهرئين سيڙپڪاري تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه جي مسئلن ۽ انهن جي پائيدار حل جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلا??ڪا?? راڻا ثناءُ الله پڻ شريڪ هو.
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ