اسلام آ??اد – 02 – مئي (اي پ?? پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ اسان صحافت جي آزادي جو ڏينهن هڪ اهڙو ماحول جوڙڻ جي عزم سان ملهائي رهيا آهيون جتي ميڊيا نه رڳو خودمختيار ۽ اُسرندڙ هجي پر اسان جي آئين ۾ لکيل آزادين سان ذميواري سان لطف اندوز ٿي سگهي، هي ڏينهن اسان کي پ??هنجي ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي صورتحال تي غور ڪرڻ ۽ صحافين جي لاءِ هڪ محفوظ ۽ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جو موقعو فراه?? ڪري ٿو. صدر صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پ??هنجي پ??غام ۾ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته هڪ آزاد پريس عالمي اهميت جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ، جعلي خبرون ۽ الزام خت?? ڪرڻ ۽ معاشري پاران هڪ نگران جي طور تي ڪ?? ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي، عالمي ڳڻتي جي مسئلن بشمول موسمياتي تبديلي، گرين ٽيڪنالاجيز، آلودگي ۽ گلوبل وارمنگ بابت آگاهي پ??دا ڪرڻ ۾ پڻ ميڊيا جو اه?? ڪردار آهي. هن چيو ته هن سال صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جو عنوان ”سياري جي لاءِ پريس: ماحولياتي بحران کي منهن ڏيندڙ صحافت“ موسمياتي تبديلين ۽ ان جي انساني زندگي ۽ ماحول تي اثرن بابت آگاهي پ??دا ڪرڻ ۽ ما??هن کي تعليم ڏيڻ ۾ آزاد صحافت جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو، اسان سمجهون ٿا ته ميڊيا اسان جي ماحولياتي نظام تي موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٻيلن جي فروغ، صاف ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ، ڪاربن اخراج گهٽ ڪرڻ ۽ حياتياتي تنوع جي تحفظ جي ذريعي ما??هن کي ماحول جي تحفظ جي ترغيب ڏيڻ ۾ پنه??جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، هن سال جو عنوان ان ڳالهه تي پڻ روشني وجهي ٿو ته هڪ آزاد ۽ ذميوار پريس کي موسمياتي تبديلي بابت گمراهه ڪندڙ معلومات جي خلاف هر اول دستي جي طور تي ڪ?? ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته صحافت جي آزادي جو عالمي ڏينهن ان ڳالهه جي ياد به ڏياري ٿو ته سڄي دنيا ۾ صحافين کي پ??ه??جو ڪ?? ڪرڻ ۾ چئلينجز درپيش آهن، اسان کي صحافين کي ڊپ، خوف يا هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراه?? ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي آزاداڻي طور تي پ??هنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهن، ان لاءِ ضروري آهي ته صحافين جي سيڪيورٽي ۽ سلامتي جي لاءِ قدم کنيا وڃن جنهن سان اهي بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي اسان جي مسئلن تي آزاداڻي رپورٽنگ ڪري سگهن، پاڪستان جو آئين صحافت جي آزادي جي ضمانت ڏي ٿو جڏهن ته اها ميڊيا جي به ذميواري آهي ته اها صحافتي اخلاقيات جي پابندي ڪري ۽ قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي ذميواراڻي ۽ صحيح رپورٽنگ ڪري، ميڊيا کي جعلي خبرن جي خاتمي ۽ اخلاقي قدرن جي فروغ جي لاءِ پنه??جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان دنيا ۾ جمهوري قدرن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ سماجي ۽ اقتصادي اهميت جي مسئلن، خاص طور تي موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ بابت بيداري پ??دا ڪرڻ ۾ پڻ ميڊيا جي ساراهه جوڳي ڪردار کي تسلي?? ڪريون ٿا، مون کي اميد آهي ته ميڊيا عالمي ڳڻتي جي مسئلن بابت بيداري پ??دا ڪرڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندي رهندي، مون کي يقين آهي ته اسان جي ڌرتيءَ کي موسمياتي تبديلي جي خطري کان بچائڻ جي لاءِ ميڊيا پاران انهن مسئلن جي وڪالت جي ڪري عالمي سطح تي تحريڪ پيدا ٿيندي.
صحافت جي آزادي جو ڏينهن ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي صورتحال تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : بونانزا