اسلام آباد – 01 مارچ (??ي پي پي) اليڪشن ڪميشن سينيٽ ج?? مختلف ميمبرن جي قومي ۽ صوبائي اسيبلي جي ميمبر طور حلف کڻڻ سبب خالي ٿي?? سيٽن تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. انهن سيٽن تي چونڊ 14 مارچ تي ٿي??دي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري شيڊول مطابق سيد يوسف رضا گيلاني، مولانا عبدالغفور حيدري قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا. نثار کهڙو، ڄام مهتاب حسين ڊاهر سنڌ اسيمبلي جڏهن ته سرفرار احمد بگٽي، پرنس احمد عمرزئي بلوچستان اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا. انهن جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ حلف سان خالي ٿي?? سيٽن تي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪيو ويو جنهن تحت اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ 2 ۽ 3 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا. اميدوارن جي شروعاتي لسٽ 3 مارچ جڏهن ته انهن جي جانچ پڙتال 5 مارچ تي ٿي??دي. نامزدگي ڪاغذن جي منظوري يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 7 مارچ، انهن تي ٽريبيونل جي طرفان فيصلا 9 مارچ جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ 10 مارچ تي واپس ??ٺي سگهجن ٿا. پولنگ 14 مارچ تي پارليامنٽ هائوس، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلين جي عمارتن ۾ 9 کان 4 وڳي تائين ٿي??دي.
اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽن تي ننڍي چونڊ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : números quina hoje