دبئي – 30 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي فوري طور تي فعال بڻائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته موسمياتي ??بديلي بابت امير ۽ ترقي يافته ملڪن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، گڏيل عرب امارات، سعودي عرب ۽ نار ۽ اولهه ملڪ موسمياتي ??بديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوپ – 28 جي موقعي تي هڪ آمريڪي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي ??بديلين جو ذميوار نه آهي پر موسمياتي ??بديلي جي ڪري پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان سنڌ ۽ بلوچستان متاثر ٿيا. هن چيو ته اسان سڀني کي اهو يقين ڏيارڻ ۾ ڪامياب رهياسين ته لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي ترقياتي فنڊز ۽ وڏي مالياتي ????ار?? جي قرضن کان جدا هجڻ گهرجي ۽ اهو سرمايو مي??ٽ تي ۽ اضافي هجڻ گهرجي ۽ اها حصي??ار?? حقيقي معنيٰ ۾ هجڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته سڀني کي خبر آهي ته گذريل صديءَ دوران ماحولياتي ??بديلي جي اثرن جو ذميوار ڪير آهي، ملڪن ۽ معيشتن تي فيصلا مڙهڻ بدران ايماندار مباحثو اهم آهي، امير ملڪن کي پاڻ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته لاس اينڊ ڊيميج فنڊ بابت گڏيل قومن جي فريم ورڪ تي وڌيڪ عرصو لڳي سگهي ٿو جڏهن ته وڏي عالمي مالياتي ????ار?? جي ذريعي ان کي فعال بڻائي سگهجي ٿو، اسان ڪوئلي تي هلندڙ منصوبن کي قابل تجديد توانائي جي منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي آهي، ماحولياتي ??بديلي جي حوالي سان اهڙن مخصوص منصوبن تي ??يڙپڪاري جي ضرورت آهي، نار ملڪ گڏيل عرب امارات، سعودي عرب، ڪويت سميت اولهه ملڪ ان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، اهو اسان جي ۽ انهن جي لاءِ بهترين موقعو آهي.
لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي فوري طور تي فعال بڻايو وڃي، موسمياتي تبديلي بابت امير ۽ ترقي يافته ملڪن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ