اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽر??ٽج?? اسٽ??يز جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين ٿنڪ ٽي??ڪس ۾ ٿئي ٿو، هي انسٽيٽيوٽ وزارتن جي لاءِ تحقيق ۾ معاونت جي ذميواري پڻ ادا ڪري رهيو آهي. سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر محسن عزيز، سينيٽر زرقه سهروردي ۽ ٻين سينيٽرز جي سوالن جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽر??ٽج?? اسٽ??يز اسان جي ٿنڪ ٽي??ڪ آهي، ڊائريڪٽر جنرل ان جو سربراهه آهي، ان جا مختلف سينٽرز ٺاهيا ويا آهن، ان جي سينٽرز ۾ اي??يا پيسفڪ ۽ چائنا سينٽرز آهن، هي نه رڳو سيمينارز منعقد ڪرائي ٿو جن جي ذريعي اسڪالرز ۽ عالمي ماهرن جو هڪ ٻئي سان رابطو رهي ٿو، دنيا جي ٿنڪ ٽي??ڪس سان پڻ ان جا رابطا آهن ۽ هي اسان جي وزارتن جي لاءِ پڻ ريسرچ ۾ معاونت ڪري ٿو. هن چيو ته دنيا ۾ هزارين ٿنڪ ٽي??ڪس آهن جن ۾ پاڪستان جي انسٽيٽيوٽ آف اسٽر??ٽج?? اسٽ??يز جو نمبر 80 هون آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽر??ٽج?? اسٽ??يز کي هدايت آهي ته هو پارليامينٽ ميمبرن کي پڻ پنهنجي سيمينارز ۾ گهرائي باقي ٿنڪ ٽي??ڪس کي پڻ ان حوالي سان هدايت ڪئي ويندي.
انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين ٿنڪ ٽينڪس ۾ ٿئي ٿو: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔