اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي موسمياتي تبديلين جي خطرن ۽ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته اسان کي ايندڙ نسل جو مستقبل محفوظ بڻائڻو پوندو، زمين موسمياتي تبديلين جي خطري جي ور چڙهيل آهي، حڪومت يا ڪو به ادارو اڪيلي سر ان خطري کي منهن نه هو ڏئي سگهي، موسمياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي اسٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلين کان متاثر ملڪن جي لاءِ عالمي بر??دري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”پري ڪوپ – 28“ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چي?? ته زمين جو گرمي جو درجو وڌي رهيو آهي، ڪا به حڪومت يا ادارو اڪيلي سر موسمياتي تبديلي جي خطري ۽ چئلينج کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي، ان مسئلي جي اهميت سڄي معاشري کي تسليم ڪرڻي پوندي. هن چي?? ته اسان کي موسمياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڻڪاري ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻو پوندو. ان ڏس ۾ معاشري ۾ سوچ تبديل ڪرڻي پوندي. هن چي?? ته موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ٻارن ۾ شعور اجاگر ڪرڻو پوندو. ان ڏس ۾ مائرون ۽ استاد پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اسان پنهنجي ڪلچر ۾ موسمياتي تبديلي جي اهميت کي اجاگر ڪري ئي انهن خطرن کي منهن ڏئي سگهون ٿا. هن چي?? ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ميڊيا کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان پاڪستان ٽيليويزن ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان اسپيشل ڊي??ڪ جو افتتاح ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چي?? ته پاڪستان کي سموگ ۽ ٻوڏ جهڙا مسئلا درپيش آهن، جيڪي انساني وجود جي لاءِ خطري جو سبب آهن. اسان اڪيلي سر ان مسئلي کي منهن نه ٿا ڏئي سگهون. ان جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. هن چي?? ته موسمياتي تبديلي جي لحاظ کان پاڪستان غيرمحفوظ ملڪ آهي، ان تباهي ۾ اسان جو ڪو به ڪردار نه آهي پر ان کان اسان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهيون. هن چي?? ته موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي اسٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آهي.
موسمياتي تبديلين جي خطرن ۽ نقصانن کان ايندڙ نسل جو مستقبل محفوظ بڻائڻو پوندو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار