اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿ??و. ??رڏيهي آفيس جي ترجمان پا??ان جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن معاملن ۽ مختلف شعبن ۾ وڌندڙ تعاون تي لاڀائتن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير پنهنجي روسي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪ??و. ??نهي پرڏيهي وزيرن بليڪ سي گرين انيشي ايٽو (بي ايس جي آئي) تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان قدم جي اهميت کي تسليم ڪندي خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافي ۽ غذائي تحفظ بابت چئلينجن جو سبب بڻجندڙ عالمي غذائي سپلائي چين ۾ رڪاوٽ تي ان جي امڪاني اثرن کي تسليم ڪندي عمل جوڳي حل ڳولڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي ان سان فائدو ??هچ?? جيڪي اڳ ۾ ئي معاشي دٻاءُ ۾ آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته بي ايس جي آئي ۾ شامل سموريون ڌريون انيشي ايٽو کي بحال ڪرڻ جي لاءِ تعميري ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف رهنديون. ان حوالي سان پرڏيهي وزير سمورين ڌرين جي خدشن کي ختم ڪندي معاهدي جي بحا??ي لاءِ عالمي ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪ??و. ??رڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي روسي هم منصب ک?? يوڪرين ۽ ترڪيءَ جي پرڏيهي وزيرن، آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ يورپ?? يونين جي اعليٰ نمائندي سان بي ايس جي آئي تي ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪ??و. ??رڏيهي وزير سرگئي لاوروف ان معاملي تي روس جي موقف جو اظهار ڪ??و. ??نهي پرڏيهي وزيرن ان معاملي تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ۾ ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج