اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پر??يه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري يورپي يونين جي پر??يه?? معاملن ۽ سي??يورٽي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پر??يه?? وزير بليڪ سي گرين انيشي ايٽو (بي ايس جي آئي) جو مدو ختم ٿيڻ تي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪندي چيو ته ان جي نتيجي ۾ غذائي ناڻي واڌ ۽ غذائي تح??ظ بابت چئلينجز پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن تي منفي اثر ڇڏيندا، جيڪي اڳ ۾ ئي معاشي دٻاءُ جو شڪار آهن. پر??يه?? آفيس جي ترجمان موجب پر??يه?? وزير چيو ته هن ان موضوع تي پنهنجي يوڪرائني ۽ ترڪ هم منصبن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان قدم کي بحال ڪرڻ جي ڪوششون سمورين ڌرين جي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڳالهه ٻولهه ۽ تعميري مشغوليت جي ذريعي لاڀائتيُون ٿينديون. پر??يه?? وزير يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي کي درخواست ڪئي ته هو اهڙو حل ڳولڻ ۾ مدد جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري جنهن سان بي ايس جي آئي جي تجديد ممڪن ٿئي ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششن ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي کان آگاهه ڪيو. پر??يه?? وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي ان معاملي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، بي ايس جي آئي جو مدو ختم ٿيڻ تي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪيو
مضمون کا ماخذ : رومن دولت