اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن اسلام آباد ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيندڙ زراعت ۽ غذائي تحفظ تي قومي سيمينار ?? خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان طور تقريب ۾ شرڪت ڪندو. سيمينار ۾ ناڻي، دفاع، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق، اطلاعات ۽ نشريات و??را وزير، سمورن صوبن جا چيف سيڪريٽريز، زرعي ??اهر ۽ اعليٰ عسڪري عملدار پڻ شرڪت ڪندا. گرين پاڪستان قدمن تحت سمورين ڌرين زرعي شعبي جي پائيدار ترقي ۽ ان جي معاشي فائدن مان فائدو کڻي سگهندا. سيمينار ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ، لائيو اسٽاڪ ۽ زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهه ٻولهه ٿي??دي. زرعي ??يداوار وڌائڻ جي لاءِ جديد زرعي ??شينري، ٻج، ڀاڻ، مائيڪرو نيوٽريئنٽس ۽ پيسٽي سائيڊز جي استعمال تي ڳالهه ٻولهه ٿي??دي. وزيراعظم سيمينار کي خطاب پڻ ڪندو ۽ جديد زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي نمائش جو دورو پڻ ڪندو.
وزيراعظم زراعت ۽ غذائي تحفظ تي قومي سيمينار ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے