اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سادگي ۽ بچت جي حوالي سان ڪيل فيصل?? تي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي ه??اي?? ڪندي چيو آهي ته ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي حوالي سان جيڪي تاريخي فيصلا ڪيا ويا انهن جا ڏورس نتيجا نڪرندا، فيصلن کي عوام ۾ پذيرائي ملي آهي، فيصلا لاڳو ??رڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير قابل قبول نه هوندي ۽ اهي سختي سان لاڳو ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومتي سطح تي ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي پاليسي لاڳو ??رڻ جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته وفاقي ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي حوالي سان جيڪي تاريخي فيصلا ڪيا ويا انهن جا ڏورس نتيجا نڪرندا، انهن فيصل?? تي عملدرآمد سان قومي خزاني جي بچت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته انهن فيصلن کي عوام ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي جڏهن ته موثر نتيجن جو دارومدار قدم?? تي ڀرپور عملدرآمد ۾ آهي. وزيراعظم سادگي ۽ بچت جي حوالي سان ڪيل فيصل?? تي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي جنهن ۾ هر اتحادي پارٽي جي ڪابينا ميمبر جي نمائندگي هوندي. هن ه??اي?? ڪئي ته ڄاڻايل فيصلا لاڳو ??رڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير قابل قبول نه هوندي ۽ اهي سختي سان لاڳو ٿيندا. ڄاڻايل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت جو موقعو ڪميٽي ۾ موجود هر اتحادي پارٽي جي ڪابينا ميمبر کي ڏنو ويندو. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ وزيراعظم جو خاص معاون محمد جهانزيب خان، وزيراعظم جو پرنسپل سيڪريٽري ۽ ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري شامل هوندا. وزيراعظم وڌيڪ ه??اي?? ڪئي ته ان ڪميٽي جو اجلاس هڪ مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا منعقد ڪيو ويندو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي و??ير راڻا تنوير حسين، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي و??ير طارق بشير چيما، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره، پاور ڊويزن واري مملڪتي و??ير هاشم نوتيزئي، وزيراعظم جي خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران سادگي ۽ بچت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج