اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان عالمي مشروب ساز ڪمپني پيپسي ڪو جي آفري??ا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر يوجين وليمسن جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاق?? وزير مخدوم مرتضيٰ محمود پڻ شريڪ هو. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ته قومون معاشي پاليسين جي تسلسل سان ٺهنديون آهن. وزيراعظم پيپسي ڪو جي پاڪستان سان خطي جي ٻين ملڪن مان برآمدات کي ساراهيندي ڪمپني کي ??اڪستان ۾ زرعي صنعتن، سيڙپڪاري وڌائڻ جي ترغيب ڏني. يوجين وليمسن حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين ت?? وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ان کانسواءِ حڪومت جي معاشي، ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي پاليسين جي تسلسل جي ڪوششن کي به ساراهيو. يوجين وليمسن وزيراعظم کي ??ڌيڪ ٻڌايو ته پيپسي ڪو ٻوڏ متاثرين جي لا??ِ 50 لک راشن پيڪيٽ فراهم ڪيا، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ پيپسي ڪو جي ملازمن پاران ٻوڏ متاثرين جي مدد لا??ِ عطيو گڏ ڪرڻ جي مهم به جاري آهي. وزيراعظم پيپسي ڪو پاران انهن جي مدد تي ٿورا مڃيا ۽ ڪمپني پاران زراعت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لا??ِ سيڙپڪاري کي ساراهيو.
وزيراعظم سان پيپسي ڪو جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا