اسلام آباد -26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏکڻ ايشيا لاءِ عالمي بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر چيو آه??، ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن ۽ بنيادي ڍانچي جي بحالي ۾ عالمي بئنڪ پاڪستان سان مڪمل سهڪار ڪندي. پاڪستان جي دوري جي پڄاڻي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هاڻوڪي تباهه ڪن ٻوڏ سبب قيمتي حياتين، ملڪيتن ۽ بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آه??. متاثرن کي امداد جي فراهمي لاءِ عالمي بئنڪ پاڪستان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آه??. هن چيو ته گهرن ۽ روزگار کي پهتل نقصان جي ازالي لاءِ قدم ض??وري آه??. عالمي بئنڪ جي نائب صدر چيو ته ٻوڏ بعد متاثرن جي بحالي، آبادڪاري ۽ بنيادي ڍانچي جي نئ??ن سر تعمير لاءِ عالمي بئنڪ مجموعي طور تي 12 ارب ڊالرن جي مالي معاونت جو انتظام ڪري رهي آه??. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي انهن 10 ملڪن ۾ شامل آه?? جيڪو موسمياتي تبديلين سبب وڌيڪ متاثر آه??.
پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن ۽ بنيادي ڍانچي جي بحالي ۾ عالمي بئنڪ پاڪستان سان مڪمل سهڪار ڪندي: عالمي بئنڪ جو نائب صدر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو