اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اپيل تي عالمي تنظيمن ۽ مالي ادارن ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي فوري امداد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٻوڏ متاثري?? جي مدد لاءِ عالمي حصيدارين سان اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۾ ا??م اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ور??ڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي مالياتي ادارن، عالمي ڊيولپمينٽ، ڊونرز، چين، آمريڪا ۽ يورپي ملڪن، گڏيل قوم?? جي مختلف ذيلي ادارن ۽ صحت جي عالمي اداري جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم عالمي حصيدارن کي سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهين بابت آگاهه ڪيو. عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنحسين وزيراعظم کي و??لڊ بئنڪ پاران 350 ملين ڊالر جي فوري امداد بابت آگاهه ڪيو. هن خصوصي طور تي و??يراعظم جي فلڊ ريليف ڪيش پروگرام کي ساراهيو. ور??ڊ بئنڪ اها امداد هلندڙ هفتي جي آخر تائين مڪمل طور تي فراهم ڪندي. ان کانسواءِ انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ پڻ نقصان?? جي ڪاٿي کانپوءِ ٺوس منصوبابندي سان پاڪستان سان ور??ڊ بئنڪ پاران تعاون ڪيو ويندو. گڏيل قوم?? جي ذيلي اداري و??لڊ فوڊ پروگرام ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ 110 ملين ڊالر جي امداد جو اعلان ڪيو جڏهن ته ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ 20 ملين ڊالر ۽ يو ڪي ايڊ 1.5 ملين پائونڊ جي فوري امداد جو اعلان ڪيو. ان کانسواءِ يو ڪي ايڊ پاران ٻوڏ متاثري?? جي بحالي لاءِ وچولي ۽ ڊگهي مدي و??رن منصوب?? جي لاءِ 38 ملين پائونڊ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. عالمي تنظيم?? جي نمائندن وزيراعظم شهباز شريف جي ٻوڏ متاثري?? جي فوري بحالي جي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف فلڊ ريليف ڪيش پروگرام تحت 25 هزار في خاندان امداد جي لاءِ عالمي ادارن پاران هن ئي هفتي امداد جي منتقلي يقيني بڻائي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته عالمي ادارن ۽ تنظيم?? جي مشڪل ۾ ڦاٿل پاڪستاني?? جي مدد جي قدم جي آجيان ڪريون ٿا، حڪومت ٻوڏ متاثري?? جي فوري ريسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ پنهنجي سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت مشڪل معاشي صورتحال ۾ هجڻ جي باوجود فلڊ ريليف ڪيش پروگرام شروع ڪيو آهي، حڪومت ترجيحي بنيادن تي ٻوڏ متاثري?? جي ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ آپريشن ڪري رهي آهي، ريسڪيو کانپوءِ حڪومت ٻوڏ متاثري?? جي بحالي ۽ تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي جي تعمير تي ڪم ڪندي.
وزيراعظم جي اپيل تي عالمي تنظيمن ۽ مالي ادارن پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي فوري امداد جو اعلان
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena