اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد ??ادق سنجراڻي پارلياماني وفد سان گڏ اسلام آباد ۾ يو اي اي جي سفارتخاني ۾ وڃي متحده عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئ??، سينيٽ چيئرمين تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا ت??ثرات لکيا، هن چيو ته شيخ خليفه بن زيد النهيان جو لاڏاڻو نه رڳو يو اي اي جي عوام لاءِ وڏو نق??ان آهي پر پاڪستانين ۽ مسلمان امت لاءِ وڏو صدمو آه??، سندس وفات سان پاڪستان هڪ سچي ۽ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو آهي. انسانيت ۽ مسلمان امت جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ شيخ خليفه بن زيد النهيان جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. سينيٽ چيئرمين چيو ته هو يو اي اي جي حڪومت ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آه??، سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي. سينيٽ چيئرمين سان گڏ پارلياماني وفد ۾ ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد ??فريد??، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سينيٽرز پرنس احمد ??مرزئي، مولانا عبدالغفور حيدري، عبدالقار، دوست محمد، نصيب الله بازئي شامل هئا. پارلياماني وفد شيخ خليفه بن زيد النهيان جي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي.
سينيٽ چيئرمين پارلياماني وفد سان يو اي اي جي سفارتخاني وڃي شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز