اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ اضافي ۽ مهانگائي جي لهر جي باوجود ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت 10 رپيا في ليٽر ۽ بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا في يونٽ لاٿ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، مستحق خاندانن جي لاءِ مالي مدد 12 هزار رپين مان وڌائي 14 هزار رپيا، گهرن جي تعمير، آبادگارن ۽ ڪاروبار جي لاءِ 407 ارب رپين جا قرض فراهم ڪرڻ، انٽرن شپ ڪندڙ نوجوانن کي 30 هزار رپيا وظيفي جي فراهمي، اوورسيز پاڪستانين کي سيڙپڪاري يا جوائنٽ وينچر جي صورت ۾ ٽيڪس ۾ 5 سال جي ڇوٽ ۽ آءِ ٽي اسٽارٽ اپ تي 100 سيڪڙو ڪيپيٽل گين ٽيڪس ختم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪندي چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ تائين بجلي ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڪو اضافو نه ڪيو ويندو، گهرن جي تعمير جي لاءِ 1400 ارب رپين جا قرض ڏنا پيا وڃن، ملڪ ۽ معيشت هاڻي صحيح رستي تي هلي پئي آهي، مافياز صحافت جي آزادي جي نالي تي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، سوشل ميڊيا تي ماڻهن تي فيڪ نيوز هلائي پئي وڃي، اها ڪٿان جي صحافت آهي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي حوالي سان ٽن وڏين اخبارن ۾ جيڪو غيراخلاقي مواد ڇپيو جيڪڏهن برطانيا ۾ ڪير ائين ڪري ته ايتر وڏو هرجاڻو هجي جو اخبار ئي بند ٿي وڃي، فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ قانون سان سٺا ۽ پيشيواراڻي صحافي خوش ٿيندا، حڪومت کي ميڊيا جي تنقيد کان ڪو مسئلو نه آهي. قوم کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون اڄ اهم اعلانن تي پنهنجي قوم کي مخاطب ٿي رهيو آهيان، دنيا ۾ صورتحال تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي جنهن جا پاڪستان تي اثر پيا آهن. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته مون تازو ئي چين ۽ روس جو دورو ڪيو آهي، منهنجا والدين غلام هندستان ۾ پيدا ٿيا هئا، انهن سدائين مون کي اهو احساس ڏياريو ته آزادي ڪيتري وڏي نعمت آهي، منهنجي سدائين اها خواهش رهي ته اسان جي پرڏيهي پاليسي آزاد هجي، آزاد پرڏيهي پاليسي اها هوندي آهي جيڪا ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ ٺاهي وڇي ٿي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف آمريڪي جنگ ۾ حصو ورتو، مون سدائين چيو ته ان جنگ سان اسان جو ڪو تعلق نه هو، اسان کي ان جنگ ۾ شرڪت نه ڪرڻ گهرجي ها، اڳ ۾ اسان سوويت يونين جي خلاف افغان جهاد ۾ شرڪت ڪئي ۽ نائين اليون کانپوءِ اسان آمريڪا جا اتحادي ٿي وياسين، افغانستان ۾ روس جي غيرملڪي قبضي جي خلاف جدوجهد جهاد هئي پر نائن اليون کانپوءِ جنگ دهشتگردي سڏرايو. هن چيو ته اها فارن پاليسي پاڪستان جي مفاد ۾ نه هئي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان 80 هزار جانين جي قرباني ڏني، 35 لک ماڻهن کي پنهنجي علائقن مان لڏپلاڻ ڪرڻي پئي، ڏيڍ سئو ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. وزيراعظم چيو ته اسان جي لاءِ اهو شرمناڪ هو ته دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ملڪ جيڪو ڪنهن جي لاءِ جنگ وڙهي رهيو هو اهو انهي جي حملن جو نشانو پڻ هو، اسان جي مٿان ڊرون حملا ڪيا ويا جيڪي شرمناڪ آهن. وزيراعظم چيو ته فوجي آمرن کي استعمال ڪرڻ آسان هوندو آهي ڇو ته اهي چاهيندا آهن ته دنيا انهن کي تسليم ڪري پر فوجي آمر مشرف جي دور ۾ رڳو 10 ڊرون حملا جڏهن ته زرداري ۽ نواز شريف جي جمهوري دور ۾ 400 ڊرون حملا ٿيا. وزيراعظم چيو ته آزاد پرڏيهي پاليسي هجي ها ته اسان جي جمهوري حڪمرانن کي آمريڪا کي چوڻ گهرجي ها ته ڊرون حملن ۾ بي قصور ماڻهو مري رهيا آهن پر زرداري ۽ نواز شريف ٻنهي ڊرون حملن جي خلاف هڪ به بيان نه ڏنو بلڪه آصف زرداري جي حوالي سان برطانوي صحافي لکيو ته زرداري چيو ته کيس بي قصور ماڻهن جي مرڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي. وزيراعظم چيو ته حڪمران ائين تڏهن چئي سگهي ٿو جڏهن ان جا پئسا، ملڪيتون ۽ اربين ڊالر جا اثاثا ۽ آف شور اڪائونٽس ملڪ کان ٻاهر هجن، تڏهن انهن کي پنهنجو پئسو بچائڻ جو فڪر هوندو آهي. وزيراعظم چيو ته قوم اڳتي ووٽ وجهڻ کان اڳ فيصلو ڪري ته جيڪڏهن آزاد پرڏيهي پاليسي گهرجي ته اهڙي پارٽي ۽ اڳواڻن کي ووٽ نه ڏين جن جو پئسو ۽ اثاثا ملڪ کان ٻاهر آهن. وزيراعطم چين ۽ روس جي تازن دورن جو حوالو ڏيندي چيو ته انهن دورن سان اسان جي ملڪ کي عزت ملي، وقت ثابت ڪندو ته اسان پاڪستان جي لاءِ زبردست فائدا کڻي آياسين، اسان کي روس کان 20 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻي آهي، روس وٽ دنيا جي 30 سيڪڙو گئس آهي، انهن سان اسان گئس جي درآمد جي لاءِ معاهدا ڪيا آهن، چين سان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت اسان جيڪي معاهدا ڪيا آهن اهي به جلد قوم آڏو اچي ويندا. وزيراعظم چيو ته هو هڪ ٻئي اهم ايشو تي ڳالهه ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اهو اهو آهي ته هڪ ايشو ٺهيل آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي تي پابنديون هڻي رهي آهي. هن چيو ته پيڪا لاء 2016ع ۾ ٺهيو هو، اسان ان ۾ رڳو ترميم ڪري رهيا آهيون، جنهن سربراهه ڪرپشن ناهي ڪئي ۽ اهو قانون نه ٿو ٽوڙي ته ان کي صحافت جي آزادي سان ڪو خطرو نه ٿيندو، ميڊيا ۾ 70 سيڪڙو خبرون اسان جي خلاف هونديون آهن پر اسان کي ان سان فرق نه ٿو پوي، هي قانون اسان حڪومت جي خلاف تنقيد جي ڪري نه پر ان جي لاءِ آندو آهي ته سوشل ميڊيا تي اهڙو غيراخلاقي مواد اچي رهيو آهي جيڪو اسان جي مذهبي ۽ معاشرتي قدرن جي خلاف آهي، چائلڊ پورنوگرافي ٿي رهي آهي، دنيا ۾ ڪٿي ائين نه ٿو ٿئي، ايف آءِ اي وٽ 94 هزار ڪيسز التوا هيٺ آهن، ماڻهن جا گهر اجڙي رهيا آهن، اڃا تائين رڳو 38 ڪيسن جو فيصلو ٿيو آهي، وزيراعظم تائين کي نه بخشيو ويو، هڪ صحافي منهنجي گهرواريءَ جي حوالي سان الزام هنيو ۽ بني گالا ۾ منهنجي گهر جي حوالي سان به مون تي الزام هنيا ويا، مون ان جي خلاف ڪيس ڪيو پر ٽي سال ٿي ويا، وزيراعظم کي به انصاف ناهي مليو، هاڻي اهو ئي صحافي ٻيهر خبرون ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن وزيراعظم سان ائين ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙين عورتن سان جن جو سياست سان ڪو تعلق نه آهي ته عام ماڻهن سان ڇا ٿيندو هوندو. وزيراعظم چيو ته نواز شريف دور ۾ جڏهن انهي صحافي تنقيد ڪئي هئي ته ان کي ٽي ڏينهن بند ڪري ڏنڊا هنيا ويا. وزيراعظم چيو ته هڪ وزير لنڊن وڃي انصاف ورتو، مراد سعيد به برطانيا وڃي انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيس ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي، شوڪت خانم بابت جنگ گروپ لکيو ته شوڪت خانم جو پئسو پي ٽي آءِ کي وآڃي رهيو آهي، اسان جو موقف تائين نه ورتوويو، حنيف عباسي جي الزامن جي خلاف شوڪت خانم اسپتال ڪيس ماتحت عدالت ۾ کٽي ورتو پر 10 سال ٿي ويا انصاف ناهي ميلو، هاڻي شوڪت خانم اسپتال وارا لنڊن وڃي ڪيس ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته صحافت جي آزادي جي نالي تي ماياز بليڪ ميل ڪري رهيا آهن ۽ پئسو وٺي گند اڇاليو پيو وڃي، مون سڄي زندگي تنقيد برداشت ڪئي، انگلينڊ ۾ به مون هرجاڻي جو ڪيس ڪيو، اتي ڪنهن جي جرئت نه ٿي ٿي سگهي ته اهڙي غيرزميوار خبرون ڏنيون وڃن، هي قانون هن ملڪ جي لاءِ ضروري آهي، مائرون مونکي ڪال ۽ ميسيج ڪن ٿيون ته صورتحال ۾ ڇا ڪريون. وزيراعظم چيو ته پيڪا قانون سان سٺو صحافي خوش ٿيندو، سٺي صحافت معاشري جو اثاثو آهي، ميڊيا جي تنقيد غلطين کي سمجهڻ جو موقعو ڏي ٿي پروزيراعظم جي گهرواريءَ تي گند اڇالڻ ڪٿان جي صحافت آهي. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم بابت ٽن وڏن اخبارن لکيو ته کيس جادو ٽوڻي جي ذريعي چونڊيوويو، اولهه ۾ ڪير ائين لکي ته ايتر وڏو ڏنڊ هجي جو اخبار ئي بند ٿي وڃي. معاشي صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم قوم کي اعتماد ۾ وٺندي چيو ته 2018ع ۾ جڏهن اسان کي حڪومت ملي ته تاريخ جو سڀ کان وڏو خسارو ورثي ۾ مليو، اندروني ۽ ٻاهريون مالياتي خسارو درپيش هو، ٽن هفتن جي درآمدات جي لاءِ به پئسا نه هئا، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا انتهائي گهٽ ٿي ويا هئا، مشڪل وقت مان اساننڪري رهيا هئاسين ته ڪورونا اچي ويو، هي هڪ اهڙو بحران هو جيڪو 100 سالن ۾ هڪ ڀيرو اچي ٿو، ڪورونا جي ڪري دنيا جون حالتون تبديل ٿي ويون ۽ سٺيون معيشتون اجڙي ويون، برطانيا جهڙو ملڪ ان سان شديد متاثر ٿيو، اسان جي گروٿ ريٽ جيڪا 0.2 سيڪڙو به نه هئي، جي باوجود پاڪستان ڪورونا کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ڪورونا جي ڪري دنيا ۾ لاڪ ڊائون ٿيو ۽ سپلائي لائينز متاثر ٿيون جنهن سان ضرورت جي شين جون قيمتون وڌي ويون ۽ پوري دنيا ۾ مهانگائي جي لهر اچي وئي، اسان دنيا کان جدا نه آهيون، تيل، گيهه ۽ دالين سميت پاڪستان ڪيتريون ضرورت جون شيون ٻاهران گهرائي ٿو، اسان جي 60 سيڪڙو بجلي درآمدي تيل تي منحصر آهي، ڪوئلي ۽ گئس سميت هر شيءَ جون قيمتون وڌي ويون، اسان کان مضبوط ملڪ به ان صورتحال کان سخت متاثر ٿيا، آمريڪا جنهن جي معيشت سڀ کان وڌيڪ تگڙي سمجهي وڃي ٿي، انهن ۾ 40 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ٿي ۽ مهانگائي جي شرح 1.5 سيڪڙو کان 7.5 سيڪڙو تائين پهچي وئي، ڪئناڊا ۾ 30 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي جي لهر آئي، برطانيا ۾ 1992ع کانپوءِ ۽ ترڪيءَ ۾ 20 سالن کانپوءِ ايتري مهانگائي ٿي. وزيراعظم چيو ته هو جيڪي انگ اکر ڏئي رهيو آهي عوام چاهي ته پان گوگل تي اهي انگ سکر چيڪ ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته پيپلزپارٽي جي پهرين دور، 1971ع کان 1977ع تائين 13.9 سيڪڙو، ٻئي دور ۾ ٻن سالن جي اندر 8.3 سيڪڙو، ٽئين دور ۾ 1994ع کان 1996ع تائين 11.6 سيڪڙو تائين مهانگائي ٿي جڏهن ته آخري دور 2008ع کان 2012ع تائين 13.6 سيڪڙو تائين مهانگائي ٿي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ 1990ع کان 1993ع تائين 10.8 سيڪڙو، 1997ع کان 1999ع تائين ٻئي دور ۾ 7.2 سيڪڙو مهانگائي ٿي جڏهن ته ٽئين دور جنهن ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون دنيا ۾ سڀ کان گهٽ هيون، ان ۾ به 5 سيڪڙو مهانگائي ٿي. ان جي ابتڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٽن سالن ۾ مهانگائي جي شرح 8.5 سيڪڙو آهي، ماضي جي ڀيٽ ۾ اسان جي دور ۾ مهانگائي گهٽ آهي جڏهن ته اپوزيشن مهانگائي جي نالي تي گوڙ ڪري رهي آهي ۽ اسا جي حڪومت ڪيرائڻ چاهي ٿي، انهن جو چوڻ آهي ته هي نااهل حڪومت آهي جڏهن ته عالمي طور تي دنيا تسليم ڪيو ته اسان جي حڪومت ڪورونا جهڙي بحران ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، اڪانومسٽ ميگزين لکيو ته ٽن سالن ۾ پاڪستان پنهنجي ڪارڪردگي جي لحاظ کان 190 ملڪن مان انهن ٽن اولين ملڪن ۾ شامل آهي جن پنهنجي معيشت به بچائي ۽ پنهنجي عوام کي به. ورلڊ اڪنامڪ فورم به پاڪستان جي ڪارڪردگي کي ساراهيو جڏهن ته ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن اسان جو مثال ڏنو، جيڪڏهن اسان نااهل هجون ها ته ڇا دنيا اسان جي تعريف ڪري ها. وزيراعظم چيو ته بل گيٽس مون سان ملن آيو ته خاص طور تي پڇيو ته پاڪستان ان چئلينج کي ڪيئن منهن ڏنو، جڏهن هو اين سي او سي ۾ ويو ته اتي هن اسان جي پاليسين کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ گذريل هڪ سال دوران پوليو جو هڪ به ڪيس سامهون ناهي آيو، اسان جي احساس پروگرام کي ورلڊ بئنڪ دنيا جي چار اولين پروگرامن ۾ شامل ڪيو جن جي ڪري عوام جي زندگين ۾ آساني ٿي. وزيراعظم چيو ته دنيا ان کان اڳ پاڪستان جي ڪنهن سياسي پارٽي جي پاليسين جي ساراهه نه ڪئي، موسمياتي تبديلين جي حوالي سان به دنيا اسان جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن معيشت اڳ ۾ ئي خراب هئي، پاڪستان به ڪورونا جي لپيٽ ۾ اچي ويو، ان جي ڪري پوري دنيا ۾ قيمتون بلند سطح تي پهچي ويون، ٻئي طرف افغانستان جي صورتحال جي ڪري ماڻهن پاڪستان مان ڊالر خريدڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ هاڻي يوڪرين جو مسئلو پيدا ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته سمورين مشڪلاتن جي باوجود پاڪستان جي معيشت بهتر ٿي ۽ اسان جي واڌويجهه جي شرح 5.6 سيڪڙو آهي جيڪا (ن) ليگ جي گذريل 5 سالن جي اقتدار جي آخري سال ۾ هئي جڏهن عالمي حالتن جو اثر به نه هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستانجي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو، سمنڊ پار پاڪستانين 31 ارب ڊالر جي رقم موڪلي، اسانجي ايڪسپورٽ پاڪستان جي تاريخ ۾ هن وقت بلند ترين سطح تي آهي، پاڪستان 38 ارب ڊالر جو تاريخي روانگي واپار ڪيو آهي، 2000ع کان 2020ع تائين جو گراف ڏسو ته روانگي واپار جي لحاظ کان روانڊا، ويتنام، چين، ڀارت، بنگلاديش جهڙا ملڪ ڪٿان کان ڪٿي هلي ويا پر اسان جو روانگي واپار نه وڌيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل حالتن جي باوجود اسان رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪيو جيڪو 6 هزار ارب رپين کان وڌيڪ آهي، ٽيڪسن جي وصولي ۾ 31 سيڪڙو اضافو ٿيو، اسان جي چار وڏين فصلن ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ مڪئي جي رڪارڊ پيداوار ٿي آهي، اهو ان لاءِ ممڪن ٿيو ڇو ته حڪومت آبادگارن کي انهن جو حق ڏياريو ۽ انهن کي آبادگار ڪارڊ جي سهولت ڏني، شگر ملز کان انهن جي پئسن جي ادائيگي ڪرائي، ان کان اڳ آبادگار لائينن ۾ لڳل هوندا هئا پر انهن کي پئسو نه ملندو هو، اسان ڪمند جي فصل جي پوري قيمت ڏياري، حڪومتي پاليسين جي ڪري آبادگارن وٽ 1100 ارب رپيا وڌيڪ ويا جنهن جي ڪري انهن پنهنجي زمينن ۽ فصلن تي وڌيڪ پئسو خرچ ڪيو جنهن جي ڪري رڪارڊ ممڪن ٿيو. وزيراعظم چيو ته لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ جي واڌويجهه جي شرح 7.4 سيڪڙو رهي، ڪمپنين 930 ارب رپين جو رڪارڊ منافعو ڪمايو، نجي شعبي 1400 ارب رپين جا قرض ورتا جيڪي ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن، ٽريڪٽرز جي وڪري ۾ 20 سيڪڙو، ٽرڪن ۽ بسن جي وڪري ۾ 81 سيڪڙو اضافو ٿيو، ٽيڪسٽائيل جي شعبي پڻ ترقي ڪئي، تيل ج کپت سڀ کان وڌيڪ رهي، تعميرات جي شعبي ۾ 1500 ارب رپيا ويا جنهن سان روزگار جا موقعا وڌيا، پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 23.2 ارب ڊالر آهن، اسان سمجهي رهيا هئاسين ته تيل جون قيمتون جيڪي دنيا ۾ مٿي هليون ويون آهن اهي گهٽ ٿينديون پر يوڪرين ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ان مان لڳي ٿو ته اهي قيمتون گهٽ نه ٿينديون، ڪڻڪ جي قيمت به مٿي ويندي. وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر تنقيد ڪري ٿي پر اهي ٻڌائين ته انهن وٽ مسئلن جو ڪهڙو حل آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون اڄ به دنيا جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ گهٽ آهن، پاڪستان 90 ملڪن مان 25 هين نمبر تي آهي جتي پيٽرول جي قيمت سڀ کان گهٽ آهي، پيٽرول ترڪيءَ ۾ 200 رپيا، ڀارت ۾ 260 رپيا، بنگلاديش ۾ 185 رپيا في ليٽر آهي، جيڪڏهن اسان هر مهيني 70 ارب رپين جي سبسڊي نه ڏيون ته پيٽرول جي قيمت 200 رپيا ليٽر هجي، اوگرا مون کي سمري موڪلي ته پيٽرول 10 رپيا وڌائڻو پوندو پر مون فيصلو ڪيو آهي ته پيٽرول 10 رپيا وڌائڻ بدران 10 رپيا گهٽ ڪيو وڃي، اسان پنهنجي ماڻهن کي ريليف ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته سستي بجلي ڊيمن سان پيدا ٿئي ٿي پر 50 سالن ۾ ڊيم نه ٺاهيا ويا، جيڪڏهن ماصي ۾ حڪومتون ڊيم ٺاهڻ تي ڌيان ڏين ها ته عوام کي سستي بجلي فراهم هجي ها، اسان ايندڙ 5 سالن کان 10 سالن دوران 10 ڊيم ٺاهي رهيا آهيون. وزيراعظم بجلي جي قيمت ۾ به 5 رپيا في يونٽ گهٽتائي جو اعلان ڪندي چيو ته ان سان 95 سيڪڙو ماڻهن کي بجلي جي بلن ۾ 20 کان 50 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت 80 لک خاندانن جي لاءِ احساس پروگرام تحت امدادي رقم کي 12 هزار مان وڌائي 14 هزار رپيا ڪري ڇڏي آهي، گريجوئيٽس کي 30 هزار رپيا ماهوار جي انٽرن شپ ڏيارينداسين، حڪومت 26 لک اسڪالرشپس ڏنيون آهن ۽ ان جي لاءِ 38 ارب رپيا خرچ ڪري رهي آهي، پي ايم پورٽل ذريعي ان جي لاءِ شفاف نظام جوڙيوويو آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر ۾ فري لانسرز 7 آءِ ٽي ڪمپنين کي ٽيڪسن ۾ 100 سيڪرو ڇوٽ ڏني وئي اهي، فارن ايڪسچينج تي 100 سيڪڙو ڇوٽ ڏني وئي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت آءِ ٽي اسٽارٽ اپس جي لاءِ 100 سيڪڙو ڪيپيٽل گين ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو به انڊسٽري لڳائيندو ان کان سوال نه پڇيو ويندو، سڀاڻي لاهور ۾ انڊسٽيرل پاليسي جي پئڪيج جو اعلان ڪندس. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني جيڪا بهس يڙپڪاري ڪندا يا جوائنٽ وينچر تحت ڪم ڪندا انهن کي 5 سالن تائين ٽيڪسن کان ڇوٽ هوندي، نوجوانن ۽ آبادگارن کي بنا وياج قرض ڏينداسين، غريبن کي گهر ٺاهڻ جي لاءِ سستا قرض ڏنا ويندا، آبادگارن، ڪاروبار ۽ گهرن جي تعمير لاءِ ٻن سالن لاءِ 407 ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا. وزيراعظم چيو ته بئنڪنک ي وڏي مشڪل سان عام ماڻهو کي قرض ڏيڻ تي راضي ڪيو، اڳ ۾ بئنڪون پگهاردار ۽ ڪمزور طبقي کي قرض نه ڏينديون هيون، حڪومت ان جي لاءِ آسانيون پيدا ڪيون ۽ سبسڊائزڊ قرض شروع ڪيا، گهٽ آمدني وارن طبقن جي لاءِ بئنڪون 150 ارب رپين جي قرضن جي منظوري ڏئي چڪا آهن جڏهن ته 50 ارب رپين جا قرض هيستائين ڏنا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته صحت انشورنس ڪارڊ موجوده حڪومت جو سڀ کان وڏو ڪارنامو آهي، اها غريب خاندانن جي لاءِ خاص طور تي تمام وڏي نعمت آهي ڇو ته غريب خاندانن ۾ جڏهن ڪا بيماري ٿيندي هئي ته هو علاج ڪرائڻ کان لاچار هوندو هو، ننڍين اسپتالن ۾ ڊاڪٽرز ۽ نرسز نه هوندا هئا جنهن جي ڪري ماڻهو وڏن شهرن جي اسپتالن جو رخ ڪندا هئا، صحت ڪارڊ جهڙي سهولت ترقي يافته ملڪن ۾ به نه آهي، پنجاب ۾ مارچ جي آخر تائين هر خاندان وٽ صحت ڪارڊ جي سهولت هوندي جنهن جي ذريعي 10 لک رپين تائين جو علاج ڪنهن به پرائيويٽ اسپتال مان ڪرائي سگهبو، ان سان پورو صحت جو هڪ نظام وجود ۾ ايندو ۽ ڳوٺن ۾ به اسپتالن جو ڄار وڇي ويندو، غريب کان غريب خاندان به پرائيويٽ اسپتال مان علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهندو. وزيراعظم چيو ته حڪومت گذريل ساڍن ٽن سالن دوران هڪ مشڪل مان نڪتي هئي ته ٻي مشڪل اچي ويندي هئي پر سڄو وقت آئون ۽ منهنجي حڪومت عوام تي بار گهٽ ڪرڻ بابت سوچيندا رهندا هئاسين. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۽ معيشت هاڻي صحيح رستي تي هلي پيا آهن، بلومبرگ ۽ آءِ ايم ايف جون رپورتون منهنجي ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته پاڪستان هاڻي مشڪل وقت مان نڪري صحيح رستي تي هلي پيو آهي.
وزيراعظم پاران ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت 10 رپيا في ليٽر ۽ بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا في يونٽ لاٿ ڪرڻ سميت اوورسيز پاڪستانين کي سيڙپڪاري يا جوائنٽ وينچر جي صورت ۾ ٽيڪس ۾ 5 سال جي ڇوٽ ۽ آءِ ٽي اسٽارٽ اپ تي 100 سيڪڙو ڪيپيٽل گين ٽيڪس ختم
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب