اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري سيالڪوٽ واقعي کي بي رحماڻو ۽ قابل مذمت قرار ڏيندي چيو آهي ته واقعي جي شفاف ۽ غير جانبداراڻي جاچ ڪئي ويندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ه?? چيو ته پنجاب حڪومت ۽ سيالڪوٽ انتظ??مي?? کي 24 ڪلاڪن اندر جوابدارن تائين پهچڻ ۽ گرفتار??ءَ جا حڪم ڏنا ويا آهن. پوري رياست ۽ پا??ست??ني شهري ان بي رحماڻي واقعي جي مذمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هر پرڏيهي ۽ اقليتن جي مال ۽ جان جي حفاظت رياست جي ذميداري آهي. سيالڪوٽ جو واقعو عدالت کان مٿانهون ۽ ملڪ ۾ مذهبي منافقت پيدا ??رڻ جي ڪِريل سازش آهي. گستاخ رسول ۽ توهين مذهب جي سزا لاءِ ملڪي قانون موجود آهي، هر مجرم کي قانون جي سامهون آندو ويندو. اهڙا واقعا بين الاقوامي سطح تي پا??ست??ن جي بدنام??ءَ جو سبب بڻجن ٿا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو