اسلام ??باد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز کي ترج??حي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز تي اڳڀرائي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي گهري دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم چيو ته ٽيڪنالاجي شعبي جو روانگي واپار وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي شعبي ۾ افرادي قوت ۽ صلاحيتن جي کوٽ نه آهي. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز تي ڪم تيزي سان جاري آهي جتي ٽيڪنالاجي انٽر پري??يو??ز کي جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ٻاهرئين سيڙپڪاري سان نه رڳو ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ممڪن ٿي سگهندي پر قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ به ممڪن ??ين??و. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان ضروري قدم جلد کڻڻ ۽ ترج??حي بنيادن تي انهن کي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.
ٽيڪنالاجي جي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کڑک