اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀي??و ڪا حڪومت غر??ب طبقي جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، سياسي مافياز، ڪارٽيلز ۽ ڪرپٽ سسٽم مان فائدو کڻندڙ سڀئي اسان ??ي خلاف بيٺل آهن پر اها جنگ اسان کٽينداسين ۽ هن ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ڪنداسين ۽ انصاف جو نظام آڻينداسين، پي ٽي آءِ پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ جيڪي قدم کنيا اهي ماضي ۾ ڪنهن حڪومت ناهن کنيا، پاڪستان ??ي معيشت بهتر ٿي رهي آهي، آبادگار خوشحال ٿيا آهن، تعميرات جو شعبو تيزي سان ??رقي ڪري رهيو آهي، رڳو سياحت کي صحيح ڪري اسان پنهنجا قرض واپس ڪري سگ??ون ٿا، گذريل 10 سالن ۾ ٻن پارٽين جي ڪري پاڪستان ??ا قرض چار ڀيرا وڌي ويا، چونڊ سڌارا آڻينداسين ته جيئن اڳتي ڪير ڌانڌلي جو الزام نه هڻي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ??حريڪ انصاف جي 25 هين يوم تاسيس جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم عمران ??ان چيو ته پاڪستان ??حريڪ انصاف سياست ۾ هڪ مقصد تحت وجود ۾ آئي هئي، اسان ??مجهندا هئاسين ته ڪرپشن هن ملڪ کي تباهه ڪري رهي آهي، پهريون ڀي??و ڪنهن سياسي پارٽي ڪرپشن کي قومي ايشو طور سام??ون آندو. وزيراعظم چيو ته قومون جنگين ۽ وسيلن جي کوٽ سان ??باهه نه ٿيون ٿين پر ڪرپشن سان ??باهه ٿين ٿيون ۽ ڪرپشن به اها نه جيڪا تپيدار، ٿاڻيدار ۽ هيٺيون طبقو ڪري ٿو پر جڏهن حڪمران ڪرپشن ڪن ٿا ته قوم مقروض ٿي تباهه ٿي وڃي ٿي. سموري اسرندڙ دنيا جي اها ئي ڪهاڻي آهي، ڪرپٽ حڪمران ملڪ جو پئسو مني لانڊرنگ ذ??يعي چوري ڪري ٻاهر کڻي وڃن ٿا، اسان ??اقتور ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي قانون جي هيٺ آڻڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ ٺاهي.
پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪا حڪومت غريب طبقي جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ