اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم اسلاموفوبيا ۽ ناموس رسالت ﷺ تي صاف موقف، عالمي فورمز تي ڪشمير جو ڪيس وڙهڻ، ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ سميت حڪومتي قدمن کي 22 ڪروڙ عوام تائين ??هچائڻ جي ل??ءِ پي ٽي وي ۽ ٻين رياستي ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي) قومي ادارو آهي ان جي وقار جي بحالي اولين ترجيح آهي. هو پي ٽي وي ۾ پي ٽي وي جنرل مينيجرز اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ماضي جا ناظرين ??اپس آڻڻ پي ٽي وي جي سمورن چئنلن جي اولين ترجيح هجڻ گ??رجي. هن چيو ته پهريون ڀيرو غريب، بي سهارا ۽ پوئتي پيل طبقن جي ل??ءِ احساس پ??وگرام?? ڪامياب جوان پروگرام، لنگر خانا ۽ پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن، ماضي جي حڪومتن ۾ اهڙي ڪا روايت نٿي ملي، اسان کي عوام جي ڀلائي ۽ بهتري جي منصوبن جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻي آهي.
ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ سميت حڪومتي قدمن کي عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ پي ٽي وي ۽ ٻي رياستي ميڊيا جو اهم ڪردار آهي: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب