اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گ??ريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 736 مريضن جا ٽي??ٽ مثبت آيا ۽ 10 متاثر مريض ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 10 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 28 هزار 534 ٽي??ٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 7 هزار 843، پنجاب ۾ 9 هزار 639، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 459، اسلام آباد ۾ 4 هزار 406 ، بلوچستان ۾ هڪ هزار 72 ، گلگت بلتستان ۾ 409، آزاد ڪ??مي?? ۾ 706 ٽي??ٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 9 هزار 136 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪ??مي?? ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 91 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 9 هزار 642 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 25 هزار 480 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena