اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ترڪمانستان جي وزارتي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير ر??شد مريدوف خيرسگالي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي لاءِ رستن ۽ ريل رابطن سميت رابطاڪاري جي منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن وزيراعظم کي ت??ڪمانستان جي صدر پاران نيڪ خواهش?? جو پيغام پهچايو ۽ ترڪمانستان – افغانستان – پاڪستان – انڊيا (تاپي) گئس پائيپ لائين پراجيڪٽ سميت توانائي جي ٻين منصوبن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ت??ڪمانستان سان توانائي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ ۾ پاڪستان پاران دلچسپي جي اظهار کي ورجايو ۽ تاپي منصوبي تي ٿيندڙ اڳڀرائي کي سا??اه??و.
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد