اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آه?? ته اسان کي پورو يقين آه?? ته 2018ع ۾ اسان 2013ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر پاڪستان ڇڏي وينداسين، پوري اميد آه?? ته 2018ع ۾ به مسلم لي?? (ن) ٻيهر اقتدار ۾ ايندي، اسان چاهيون ٿ?? ته جيڪو به اقتدار ۾ اچي ان کي هڪ بهتر پاڪستان ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي جي هڪ پ??وگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسان جي هدفن ۾ ٽيڪس نيٽ کي سگهه ڏيڻ شامل آهي، اهو اسان جي ۽ سمورين سياسي پارٽين جي منشور جو به حصو آهي ان کانسواءِ تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ به اسان جي اولين ترجيحن ۾ آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي حيثيت سان ذميواريون وفاقي وزير کان مختلف هونديون آهن، وفاقي وزير رڳو هڪ کاتي جو ذميوار جڏهن ته وزيراعظم اندروني ۽ ٻاهريون ذميواريون به نڀائ?? ٿو.
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa