اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 3500 ارب ??پين مان وڌائي 4013 ارب ??پيا ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ عام ماڻهو تي ڪو نئون ٽيڪس ناهي هنيو ويو، بجيٽ ۾ 120 ارب ??پيا ٽيڪس هنيا ويا آهن جڏهن ته مختلف ٽيڪسن ۽ ڊيوٽين جي مد ۾ 33 ارب ??پين جو رليف فراهم ڪيو ويو آهي، ??راعت جي لاءِ گذريل سال جا سمورا رعايتي پئڪيج بحال رکيا آهن، ڊي اي پي ڀاڻ تي سيلز ٽيڪس ۾ 300 رپين جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ??رڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو جي ايڊهاڪ اضافي کي بنياد پگهار ۾ ضم ڪرڻ کانپوءِ بنيادي پگهار تي 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف ڏنو ويندو. بجيٽ پريس ڪانفر??س کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان کي ملڪ جي معاسي استحڪام جي لاءِ گڏجي سخت محنت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اسان سڀني جو فرض آهي ته اسان چارٽر آف اڪانومي تي اتفاق ڪريون ته جيئن معاشي هدف حاصل ڪري سگهجن. هن چيو ته مون پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ به ٽن سالن بدران 5 سالن جي ميڪرو اڪنامڪ هدفن جو ذڪر ڪ??و هو ته جيئن 23 – 2018ع جي حڪومت جي دور ۾، جنهن کي به حڪومت جو موقعو ملي، ??هي معاشي هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهي. هن چيو ته چونڊن کان اڳ هي آخري سال آهي جنهن ۾ اسان کي چارٽر آف اڪانومي تي متفق ٿيڻ گهرجي ته جيئن اقتصادي ۽ سماجي هدفن جو صحيح تعين ڪري سگهجي.
ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 3500 ارب رپين مان وڌائي 4013 ارب رپيا ڪيو آهي: اسحاق ڊار جي پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ