اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان جي پارلياماني وف?? جي افغانستان جي دوري تي اطمينان جو اظها?? ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن جي فروغ جو خواهشمند آهي، افغان قيادت پاڪستان سان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدمن جو يقين ڏياريو آهي، ٻئي ملڪ مثالي لاڳاپن جي خواهش رکن ٿا، افغان حڪومت ۽ عوام مزار شريف جي واقعي تي صد?? جي مذمتي پيغام کي ساراهيو آهي، افغانستان جو صد?? اشرف غني ۽ پارليامينٽ ميمبر جلد پاڪستان جو دورو ڪندا. بينظير ڀٽو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي وطن واپس اچڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن دوري دوران پاڪستان جي سموري سياسي قيادت پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ بامقصد حصيداري جو پيغام ڏ??و آهي ۽ واضح ڪيو آهي ته هي وقت آهي ته اسان گڏيل اعتما?? جي ماحول ۾ اڳتي وڌون.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش