نيويارڪ– 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد نواز شريف گڏيل قومن ۾ زبردست سفارتي ڪوششن سان پنج مصروف ڏينهن گذارڻ کانپوءِ وطن واپسي لاءِ جمعي ڏينهن هتان کان لنڊن روانو ٿي ويو. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خ??اب دوران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو ۽ عالمي اداري تي زور ڏنو ته هو ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق لاءِ پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي کيس گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مليحه لوڌي، سفير جليل عباس جيلاني ۽ پاڪستان ??شن جي ٻين سينئ?? عملدارن الوداع ڪيو
مضمون کا ماخذ : کڑک