اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا گذريل 10 سالن دوران هڪ مقروض ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، ممنون حسين، اڳوڻن وزيراعظمن محمد نواز ش??يف، يوسف رضا گيلاني، ??اج?? پرويز اشرف ۽ شاهد خا??ان عباسي جي سيڪيورٽي، انٽرٽينمينٽ ۽ ڪئمپ آفيسز تي عوام جي پئسي کي بيدردي سان خرچ ڪرڻ جي روش تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته انهن حڪمرانن جي عياشين ۽ شاهاڻي خرچن تي استعمال ٿيندڙ ع??ام جي ٽيڪس جي پئسي جي وصولي ڪئي ويندي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معا??ن ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد ۽ وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم سان گڏ وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو.
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania