اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دنيا کي ڀارت جي ٻٽي رويي جو نوٽيس وٺڻو پوندو، ڀارت ??يوزيلينڊ واقعي جي مذمت ته ڪئي پر مسلمان شهيدن ۽ مسجدن جو ذڪر به نه ڪ??و، سمجهوتا ايڪسپريس تي ??هشتگرد حملي بابت ڀارتي ??دالت جو فيصلو ڀارت جي ٻٽي معياري جي عڪاسي ڪري ٿو، چين پاڪستان جو لازوال دوست ۽ جبل وانگر اسان سان گڏ بيٺل آهي، هلندڙ سال چين مان هڪ ارب ڊالر اضافي ايڪسپورٽ متوقع آهي، آمريڪا سان ل??ڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن. پرڏيهي وزارت ۾ اطلاعات واري وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم ??ي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ سيڙپڪري بورڊ جي چيئرمين هارون شريف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته سمجهوتا ايڪسپريس ۾ شهيد ٿيندڙ بيگناهن جي ذميوار چئن ڏوهارين کي آزاد ڪري ڇڏڻ انتهائي ڳڻتي ??وڳو آهي.
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم