استنبول – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي فلسطيني عوام ۽ ان جي جائز جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجائيندي چي?? آهي ته فلسطيني عوام جي لاءِ القدس شريف جي گادي واري شهر سان هڪ خودمختيار رياست جو قيام واحد روڊ ميپ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار بيت المقدس شريف بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي غيرمعمولي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم القدس شريف تي او آءِ سي جو غيرمعمولي سربراهه اجلاس گهرائڻ تي ترڪ صدر طيب اردوا?? ۽ ??رڪيءَ جا ٿورا مڃيندي چي?? ته هي غيرمعمولي وقت آهي. هن چي?? ته مسجد الاقصيٰ جي بي حرمتي بابت 1969ع جي رباط سربراهه ڪانفرنس اها اميد پيدا ڪئي هئي ته فلسطيني عوام سا?? ٿيندڙ ناانصافين ۽ مسلمان دنيا کي درپيش سمورن مسئلن جي حوالي سان مسلمان امت پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪندي متحد ٿي جواب ڏيندي.
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل