دمشق -26 آگسٽ (اي پي پي) شام جي صدر بشار الاسد چيو آهي، ته شام ۽ ترڪيه وچ ۾ لاڳاپا انهن مسئلن کي حل ڪرڻ کان سو??ءِ بحال نٿا ٿي سگهن، جيڪي انهن جي ڌار ٿيڻ جو سبب بڻيا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن نئين عوامي اسيمبلي کي خطاب ۾ چيو ته موجوده عالمي بحران وچ ۾ اسان ترڪيه سان لاڳاپن ??ي بحالي کي نظر ۾ رکندي تجويز ڪيل سمورن قدمن تي جلدي ۽ هاڪاري اندا?? ۾ ??ور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جي اصل سببن کي نظر انداز ڪيو وڃي ته ڪو به مسئلو حل نٿو ٿ?? سگهي. هن چيو ته تڪرارن جي حل ل??ءِ ڌرين کي لاڳاپن ??ي بحالي ۾ رڪاوٽن جي نشاندهي ل??ءِ مخلصاڻين ڪوششن جي ضرورت آهي. شام جي صدر چيو ته شام ڪنهن به ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجن حقن تان هٿ نه کڻندو. هن زور ڀريندي چيو ته سندس ملڪ ۽ ترڪيه وچ ۾ موجوده مشاورت ۾ بنيادي اصولن جي کوٽ آهي جن سان ڌرين کي ڳالهين واري عمل ۾ رهنمائي حاصل ٿي سگهي ٿي. هن زور ڀريندي چيو ته ان مسئلي تي دمشق ل??ءِ شام جي سر زمين تان ترڪيه جي واپسي ۽ شام جي خودمختياري جو احترام بنيادي اهميت رکندڙ آهي.
ترڪيه سان لاڳاپن جي بحالي ۾ رڪاوٽن جي نشاندي لاءِ مخلصاڻين ڪوششن جي ضرورت آهي: شام جو صدر
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا