واشنگٽن _ 12 جول??ءِ (اي پي پي ) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته غزه ۾ جنگ هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ جنگ بعد اسرائيل کي ان علائقي تي قبضو نه ڪرڻ گهرجي. هڪ خابرُو اداري مُوجب هن گذريل ڏينهن ن??وز ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته غزه ۾ جنگ بندي جي فريم ورڪ تي ڌرين اتفاق ڪيو هو پر معاهدو طئي ٿيڻ ۾ اڃان ڪجهه رڪاوٽون موجود آهن. آمريڪي صدر چيو ته ان فريم ورڪ تي هاڻي ٻئي ڌريون متفق آهن ان ل??ءِ مون پنهنجي ٽيم کي وچ اوڀر موڪليو آهي ته جيئن ڳالهين کي اڳتي وڌائي سگهجي. بائيڊن چيو ته اهي مشڪل مسئلا آهن اڃان معاهدي تائين پهچڻ ۾ ڪجهه مشڪلاتون موجود آهن. اسان اڳڀرائي ڪ??ي رهيا آهيون ۽ مان اهو معاهدو طئي ڪ??ڻ ۽ ان جنگ کي ختم ڪرڻ ل??ءِ پرعزم آهيان جنهن کي هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي. آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ت?? اسرائيل کي غزه تي قبضو نه ڪرڻ گهرجي. هن اعتراف ڪيو ت?? اسرائيل طرفان ڪجهه وقت سهڪار گهٽ رهيو.
غزه جنگ کي هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، اسرائيل علائقي تي قبضو نه ڪري :آمريڪي صدر
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا