ڪيپ ٽائون- 25جنوري (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا اميد ظاهر ڪئي آهي ته عالمي انصاف واري عدالت (آءِ سي جي ) ايندڙ جمعي تي غزه ۾ جنگ بندي روڪڻ بابت هنگامي قدمن جي باري ۾ فيصلو ٻڌائي سگهي ٿي، ان ڳالهه جو اظه??ر ڪيس جي ڪاروائي کان آگاه ذريعن ڏکڻ آفريقا جي نيوز 24 نالي پورٽل سان ڳالهائيندي ڪيو آهي، ڏکڻ آفريقا جي انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب ان حوالي سان هن وقت تائين ڪو به اعلا?? نه ڪيو آهي ، جڏهن ته ٻئي پاسي اسرائيل جي پرڏيهي وزارت ان حوالي سان پنهنجي لاعلمي جو اظه??ر ڪندي چيو آهي ته هو ان معاملي تي اڃا به نظر رکي رهيو آهي، ڏکڻ آفريقا 29 ڊسمبر 2023 تي انصاف جي عالمي عدالت ۾ اسرائيل خلاف ڪيس داخل ڪيو هو جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته عدالت اهو واضع ڪر?? ته اسرائيل غزه ۾ ڪر??ڪ ڊائون جي بهاني فلسطينين جي نسل ڪشي ڪر?? رهيو آهي، اب ڪيس ۾ ڏکڻ آفريقا عدالت کان مطالبو ڪيو آهي ته عارضي يا ڊگهي مدي وارا قدم کڻي جنهن ۾ اسرائيل کي غزه ۾ پنهنجي فوجي مهم روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي ،غزه کي معاوضي جي آڇ ڪئي وڃي ۽ نئين سر تعمير لاءِ فنڊ فراهم ڪيا وڃن.
ڏکڻ آفريقا غزه بابت عالمي عدالت جي عبوري فيصلي بابت پر اميد آهي
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن