بيجنگ-12 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي ايراني هم منصب حسين امير عبدالهيان سان فون تي ڳالهه ٻولهه دوران غزه جي صورتحال ۽ ٻه طرفه لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيني خابرو اداري جي رپورٽ مطابق وانگ يي چيو ته فلسطيني اسرائيل تڪرار تي چين ج?? مؤقف جنگبندي ۽ تڪرارن کي جلد کان جلد ختم ڪرائڻ، انساني امداد کي يقيني بن??ئڻ ۽ ٻه رياستي حل طرف واپسي آهي. ايراني پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران غزه ۾ انساني بنيادن تي جنگبندي لاءِ چين جي ڪوششن کي ساراهيو. چيني پرڏيهي وزير چيو ته سندس ملڪ ج?? مؤقف عرب ملڪن جي مؤقف سان ??ڪج??ڙائي رکي ٿو ۽ اسلامي ملڪن ۽ عالمي برادري سان تمام گهڻو هم خيال آهي. هن چيو ته سڄي دنيا جي ملڪن کي غزه جي صورتحال تي مضبوط آواز بلند ڪرڻ گهرجي ۽ تڪرارن تي وڌيڪ متحد مؤقف بڻ??ئڻ گهرجي. چين ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان وانگ يي چيو ته سندس ملڪ ايران سان هن سال ٻنهي ملڪن سربراهن جي ملاقاتن دوران چين جي صدر شي جن پنگ ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي وچ ۾ طئي ٿيل اتفاق راءِ کي عملي جامو پهر??ئڻ لاءِ تيار آهي. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٽياڪڙي تي چين جا شڪرگذار آهيون ۽ ايران مختلف شعبن ۾ چين سان سهڪار کي مضبوط بڻ??ئڻ ۽ گڏيل ناتن کي هٿي وٺر??ئڻ لاءِ تيار آهي.
چيني پرڏيهي وزير جو ايراني هم منصب سان ٽيليفون رابطو
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena