واشنگٽن – 11 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي يوڪرين جي هم منصب ولاديمير زيلنسڪي کي اڱاري تي وائٽ ه??ئوس اچڻ جي دعوت ڏني آهي ته جيئن يوڪرين جي فوري ضرورتن تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي. العربيا اردو مطابق آ??ريڪي صدارتي ترجمان بيان ۾ چيو آهي ته ٻئي صدر روسي حملي جو مقابلو ??رڻ لاءِ يوڪرين جي فوري ضرورتن ۽ ان نازڪ لمحي ۾ آمريڪي حمايت جاري رکڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. يوڪرين جي ايوان صدر بيان ۾ چيو آهي ته ان ملاقات ۾ يوڪرين ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌيڪ دفاعي سهڪا??، خاص طور تي هٿيارن ۽ فضائي دفاعي نظام جي تياري جي گڏيل منصوبن ذريعي ٻه طرفي سهڪار جي ڪوششن تي ڌيان ڏنو ويندو. جوبائيڊن طرفان پنهنجي يوڪريني هم منصب کي وائٽ ه??ئوس جي دعوت اهڙي وقت ۾ ڏني وئي آهي جڏهن اربع تي آمريڪي سينيٽ ۾ ريپبلڪن اپوزيشن وائٽ ه??ئوس طرفان 106 بلين ڊالر ماليت جي هنگامي امدادي پيڪيج جي منظوري لاءِ پيش ڪ??ل درخواست کي روڪي ڇڏيو هو.
آمريڪي صدر جي يوڪرين هم منصب کي وائٽ هائوس اچڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena