اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) ??در آصف علي زرداري پاڪستان ۽ چين ??ي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي عوام خاص طور تي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻا پوندا. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول هائوس ڪراچي ۾ چين ??ي ڪاروباري وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن ۽ چين ??ي قونصل جنرل شرڪت ڪئي. ??در پاڪستاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ چيني سيڙپڪاري وڌ??ئڻ تي زور ڏنو. وفد ملڪي صحت جي شعبي جي ترقي جي لاءِ پاڪستان ۾ ميڊيڪل سٽي قائ?? ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفد معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت، لائيو اسٽاڪ، توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ مينوفيڪچرنگ ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار پڻ ڪيو. ??در چيو ته پاڪستان ۽ چين ??ي وچ ۾ گهرا ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ چين ??هم معاملن تي گڏيل مفاد ۽ خيال رکن ٿا. ??در آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين ??ي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل گهري دوستي آهي، گوادر پورٽ کي هڪ علائقائي واپاري ۽ اقتصادي مرڪز جي طور تي ترقي ڏيڻ منهنجو ويزن هو. هن چيو ته گوادر بندرگاهه سان نه رڳو علائقائي رابطا بهتر ٿيندا پر علائقائي واپار ۽ اقتصادي تعاون کي پڻ فروغ ملندو،م پاڪستاني چيني سيڙپڪارن کي ڀليڪار چوندو. ??در چيو ته پاڪستان چين ??ان اقتصادي لاڳاپن ۽ ڪاروبار کي ترجيح ڏيندو، پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت ۽ مدد فراه?? ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ??در چيو ته سنڌ ۾ چيني زبان جا ڪورسز متعارف ڪرايا ويا آهن، چيني زبان جا ڪورسز پاڪستان ۽ چين ??ي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا مضبوط بڻ??ئڻ طرف هڪ اهم قدم ثاب?? ٿيندو.
پاڪستان ۽ چين جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻا پوندا: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش