اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”ون واٽر سمٽ“ ۾ شرڪت جي لاءِ 3 ۽ 4 ڊ??مبر تي سعودي عرب جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سعودي عرب، فرانس، قازقستان ۽ عالمي بئنڪ جي حصيداري سا?? منعقد سمٽ جو مقصد عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ اعليٰ سطحي سياسي واعدن جي ذريعي پاڻي وسيلن جي انتظام جي لاءِ ٺوس عالمي موقف کي فروغ ڏيڻ آهي. بيان موجب وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ اهم خطاب ڪندو جنهن ۾ تازي پاڻي جي وسيلن ۽ آبي زمينن جي ڏس ۾ بحالي، تحفظ ۽ موافقت تي ڌيان ڏنو ويند??. و??يراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پاران پاڻي جي تحفظ کي فروغ ڏيڻ، آبهوا ۾ تبديلي جي اثرن کي برداشت ڪرڻ، پاڻي جي معيار کي بهتر بڻائن، روزگار جا ذريعا وڌائڻ ۽ حياتياتي جيوت جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ روشني وجهند??. و??يراعظم موسمياتي تبديلين سبب ٻوڏن، غيرمعمولي ۽ انتهائي موسمي حالتن ۽ پاڻي وسيلن ۽ ماحولياتي نظام تي گرمي جي دٻاءُ جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون جي اهميت سا?? گڏوگڏ پاڻي وسيلن جي پائيدار انتظام جي لاءِ بامعنيٰ عالمي تعاون تي پڻ زور ڏيندو. سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جون ٻطرفيون ملاقاتون ۽ مصروفيتون متوقع آهن.
وزيراعظم ون واٽر سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ 3 ۽ 4 ڊسمبر تي سعودي عرب جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب