اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ??ھي ته خصوصي ماڻ??ن جو عالمي ڏھاڙو ياد ڏياري ٿو ته معذور ماڻھن کي برابر جا موقعا ۽ حق فراھم ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق انھن خيالن جو اظھار ھن خصوصي ماڻ??ن جي عالمي ڏين??ن جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ??ه اھو ڏينھن ياد ڏياري ٿو ته خصوصي ماڻھن کي برابر جا موقعا ۽ حق فراھم ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي، ملڪ ۾ خصوصي ماڻ??ن جي ڀلائي لاءِ جامع پاليسيون بڻايون ويون آھن ۽ ان تي عمل به ڪيو پيو وڃي ته جيئن اھي ماڻھو به ھڪ باعزت ۽ خودمختيار زندگي گذاري سگھن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ??ه خصوصي ماڻھن کي ھمٿائڻ، انھن جي قابليت کي قبول ڪرڻ ۽ انھن لاءِ وسيلا ۽ موقعا فراھم ڪرڻ ھڪ مضبوط ۽ ترقي يافته قوم جي نشاني آھي. ھن دعا ??ئي ته الله تعاليٰ اسان کي ان ذميواري کي بھتر طريقي سان ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
خصوصي ماڻھن کي برابر جا موقعا ۽ حق فراھم ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي: سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری