اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان آفريقي سفيرن پرڏيهي وزارت ۾ گڏيل ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ??اڪستان آفريقا دوستي جي موضوع تحت وڻڪاري جي خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري پڌرائي موجب پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پرڏيهي وزارت ۾ آفريقي کنڊ جي 14 سفيرن جي آجيان ڪئي. اها ملاقات حڪومت جي ”انگيج آفريقا پاليسي“ موجب پرڏيهي وزارت جي آفريقا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. پاڪستان جا آفريقا کنڊ ۾ 19 سفارتي ??شنز آهن، جڏهن ته 14 آفريقي مشنز اسلام آباد ۾ قائم آهن. ان موقعي تي ??اڪستان آفريقا دوستي جي موضوع تحت وڻڪاري جي خصوصي تقريب منعقد ٿي. وزارت جي لان ۾ وڻڪاري کانپوءِ سفيرن پرڏيهي سيڪريٽري سان گڏيل ملاقات ڪئي. جنهن ۾ هن پنهنجي ترجيحن ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي اهم رخن جو خاڪو پيش ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پاڪستان ۽ آفريقا جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن تي روشني وڌي ۽ اسلام آباد ۾ مقرر آفريقي سفيرن جي تعاون کي ساراهيو. هن مختلف شعبن خاص طور تي ??اپار، سيڙپڪاري ۽ اعليٰ سطح جي سياسي لاڳاپن ۾ تعاون و??ائڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين جي وچ ۾ واپار جي ماپي ۾ گذريل چئن سالن ۾ 75 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جنهن ۾ وڌيڪ اضافي جي گنجائش موجود آهي. سلطنت مراڪش جي سفير ۽ آفريقي ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڊين محمد ڪارمون ان موقعي تي ??ٽاسٽا جي گڏيل خيالن جو موقعو فراهم ڪرڻ تي ??رڏيهي سيڪريٽري جا ٿورا مڃيا ۽ وڻڪاري جي بي مثال تقريب کي ساراهيو.
پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان آفريقي سفيرن جي گڏيل ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر