اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ معيشت ۽ واپار جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي هڪ مفاهمتي يادداشت ت?? صحيحون ڪيون. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ روسي فيڊريشن جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان مرڪنٽائل ايڪسچينج ۽ سينٽ پيٽرزبرگ انٽرنيشنل مرڪنٽائل ايڪسچينج جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت ت?? پاڪستان پاران پاڪستان مرڪنٽائل ايڪسچينج جي وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر فرحان طاهر ۽ روس پاران سينٽ پيٽرزبرگ انٽرنيشنل مرڪنٽائل ايڪسچينج جي صدر ايگور آرٽيميف صحيحون ڪيون. پاڪستان عالمي ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بيلاروس – روس – قازقستان – ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي بابت م??اهمت نامي ۾ شموليت جو پڻ اعلان ڪي??. د??تاويز تي پاڪستان پاران مواصلات واري سيڪريٽري علي شير محسود صحيحون ڪيون.
پاڪستان ۽ روس پاران معيشت ۽ واپار جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن