اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وف??قي ??زي?? محسن نقوي انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي، ته بيروزگاري، غربت ۽ وسيلن جي غير منصفاڻي ورهاست سان انساني اسمگلنگ ۾ اضافو ٿيو آهي. پٺتي پيل ملڪن کي غيرقانوني انساني اسمگلنگ کي سڀ کان وڌيڪ منهن ڏيڻو ٿو پو??، پاڪستان ۾ به انساني اسمگلنگ جي منظم گينگ سرگرم آهي. ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي ان گروهن جي خاتمي لاءِ هر وقت چوڪس آهي ۽ ڪيترن ئي جوابدارن کي قانون جي گرفتار ۾ آندو ويو آهي. انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سڄي دنيا کي گهڻ رخي گڏيل قدم کڻڻ جي اشد ضرورت آهي. وف??قي ??زي?? چيو ته انساني اسمگل لالچ ۾ هزارين ??اڻ??ن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن ۽ انساني اسمگلرز هٿان ڪيترائي خاندان پنهنجي پيارن کان وڇڙي ويا آهن. محسن نقوي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسرندڙ ۽ پٺتي پيل ملڪن کي اڄ ان گندي ڏوهه خلاف گڏجڻو پو??دو. انساني اسمگلنگ انساني حقن، وقار ۽ آزادي جي سنگين خلاف ورزي آهي. اچو ته ملي انساني اسمگلنگ خلاف آگاهي پيدا ڪيون ۽ انساني اسمگلنگ جي سببن جو تدارڪ ڪيون ۽ هڪ اهڙي معاشري لاءِ ڪم ڪيون جتي انساني اسمگلنگ جي صورت ۾ ڪنهن جو استحصال نه ٿئي.
اسرندڙ ۽ پٺتي پيل ملڪن کي انساني اسمگلنگ جي گندي ڏوهه خلاف گڏجي بيهڻو پوندو: وفاقي گهرو وزير
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II